راشدي زمان شاهه

راشدي، زمان شاهه: نامور شاعر ۽ حڪيم پير زمان شاهه راشديءَ جو جنم 1878ع ڌاري نئين ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پير زمان شاهه جو نالو علائقي جي نامور حڪيمن ۽ شاعرن ۾ شمار ٿيندو هو. نامور محقق پير حسام الدين شاهه راشديءَ پنهنجي هڪ مضمون ۾ زمان شاهه راشديءَ جو پنهنجي علائقي جي ناليواري حڪيم طور ذڪر ڪيو آهي. هن جو شاعريءَ ڏانهن به لاڙو هو، پر سندس ڪيترو ڪلام ضايع ٿي ويو. هن 1946ع ڌاري وفات ڪئي، سندس اولاد ناري، ضلعي خيرپور ميرس ۾ مستقل طور رهائش پذير آهي، پير زمان شاهه راشديءَ جي شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
درد وندن جي دلارا دل ڏکوئڻ ناهي روا،
جيءُ جلي جانيءَ لاءِ تن کي جلائڻ ناهي روا،
اي زمان شاهه! محب منهنجو شال اوطاقي ٿئي،
سو سلام سهڻا ستايل ٻئي کي ستائڻ ناهي روا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو